ڪراچي ۾ آرمي ۽ بحريه جي انتظامن هيٺ هلندڙ اسڪول اڄ ٻيهر کلي ويا

karachi-army-school

ڪراچي ۾ آرمي ۽ بحريه جي انتظامن هيٺ هلندڙ اسڪول اڄ ٻيهر کلي ويا آهن، پنجاب ۾ ڪٿي اسڪول کليل ۽ ڪٿي بند رهندا، خيبرپختون خواهه جي مختلف علائقن ۾ به بند ٿيل نجي توڙي سرڪاري اسڪول اڄ ٻيهر کلي ويا آهن، پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا مشهود چيو آهي ته اڄ کان جيڪي اسڪول نه کوليا ويندا، جائزو وٺي انهن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.

 ذريعن موجب ڪراچي ۾ آرمي ۽ بحريه جي انتظامن هيٺ هلندڙ اسڪول اڄ ٻيهر کلي ويا آهن.

پنجاب جي ملتان، بکر، فيصل آباد ۽ راولپنڊي سميت مختلف علائقن ۾ سمورا خانگي تعليمي ادار کلي ويا آهن، جڏهن ته لاهور ۾ پرائيورٽ اسڪول انتظاميا شاگردن کي ايس ايم ايس ذريعي اسڪول نه اچڻ جو چيو آهي.

پنجاب جي تعليم واري صوبائي وزير راڻا مشهود چيو آهي ته اڄ سڄي پنجاب جا نجي توڙي سرڪاري تعليمي ادار کليل رهندا.

هن چيو ته جائزو وٺي رهيا آهيون، اسڪول نه کوليندڙن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.

هوڏانهن پشاور سميت ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ به نجي تعليمي ادار کلي ويا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*