عمران خان 15 سالن کان هڪ تڪ جي سياست مان ٻاهر ناهي نڪتو:طلال چوڌري

talal-chudhry

نواز ليگ اڳواڻن طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان 15 سالن کان هڪ تڪ جي سياست مان ٻاهر ناهي نڪتو، اين اي 122 تي اڄ به 15 سال اڳ وارو فيصلو آيو آهي، عمران خان جي نااهلي سبب ڪي پي ڪي حڪومت به نااهل ثابت ٿي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻن چيو ته عمران خان پرڏيهي فنڊ حڪومت خلاف استعمال ڪري رهيو آهي، عمران خان جي تماشي سبب ڪي پي ڪي جي عوام کي رليف نه ملي سگهيو آهي.

هنن چيو ته عمران خان پنجاب حڪومت جي ترقياتي ڪمن جي ڪاپي ڪري رهيو آهي، پر کيس ڄاڻ ناهي ته نقل لاءِ به عقل جي ضرورت هوندي آهي.

دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري چيو ته عمران خان مان نه مڃا واري سياست ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه ايوان سميت ڪنهن به ڪميٽي ۾ نٿو اچي.

نواز ليگ اڳواڻن چيو ته عمران خان خان 15سالن کان رڳو ڌانڌلي جون دانهون ڪري رهيو آهي، عمران خان ڌانڌلي بدران عوامي حقن جي ڳالهه ڪري ته صورتحال بهتر هجي پر سندس ناڪاره سياست سبب عوام کي درست رليف نه ملي سگهيو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*