ڪراچي جي بغدادي واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي,پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر ياسين عرف پپو کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-operation12-9

ڪراچي جي بغدادي واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي دوران لياري حملن ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر ياسين عرف پپو کي گرفتار ڪري ورتو، کارادر ۾ پوليس هٿان 3 ڏوهاري گرفتار ڪري  هٿيار، هزارين سعودي ريال ۽ موبائل فونز هٿ ڪيا ويا.

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن بغدادي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر ياسين عرف پپو کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب جوابدار ياسين عرف پپو لياري ۾ حملن سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث آهي.

پوليس موجب فيروز آباد ۾ اسنيپ چيڪنگ ڪئي پئي وئي جنهن دوران ٻن ڄڻن کي روڪيو ته جوابدارن مزاحمت ڪئي ۽ هڪ اهلڪار کان ايس ايم جي ڦري فرار ٿي ويا.

پوليس موجب ايس ايم جي ڦري فرار ٿيندڙ جوابدار ٻه هئا، جن جي خلاف فيروز آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف کارادر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 3 ڦورن کي گرفتار ڪرڻ بعد هٿيار هٿ ڪري ورتا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اظهر ميمڻ، حارث بلوچ ۽ رضوان بلوچ وٽان هزارين سعودي ريال ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*