ڪراچي:شادي هال جي ٽانڪيءَ مان مليل ٻارڙيءَ جي لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ، اجتماعي زيادتي جي ڪوشش جي تصديق

karachi-orangi-toun

ڪراچي جي اورنگي ٽائون  واري علائقي ۾ شادي هال جي ٽانڪيءَ مان مليل ٻارڙيءَ جي لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نينگري سان اجتماعي زيادتي جي ڪوشش جي تصديق  ٿي آهي، ڪيس ۾ قتل ۽ چائلڊ پروٽيڪشن جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نينگري جو لاش هٿ اچڻ بعد 17 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

اورنگي ٽائون جي شادي هال ۾ گذريل هفتي شادي تقريب دوران لاپتا ٿيل نينگري پاڪيزه جو گذريل ڏينهن شادي هال جي ٽانڪيءَ مان لاش هٿ آيو هو. لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نينگريءَ سان اجتماعي زيادتي جي ڪوشش جي تصديق ٿي آهي.

     پوليس جو چوڻ آهي نينگري لاپتا هئڻ جو ڪيس والد پاران 28 جنوري تي داخل ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ اڄ قتل، زيادتي ۽ چائلڊ پروٽيڪشن جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو لاش هٿ اچڻ بعد 17 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن مان 10 جو واسطو  شادي هال  انتظاميه سان آهي، جن ۾ 2 مئنيجرز پڻ شامل آهن،انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*