سنڌ سرڪار رينجرز اختيارن جي مدي ۾ مشروط طور 90 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

QAIM-ALI-SHAH

سنڌ سرڪار رينجرز اختيارن جي مدي ۾ مشروط طور 90 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير رينجرز اختيارن کي سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ سان مشروط ڪندي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب وڏي وزير سيد قائم علي شاهه رينجرز اختيارن جي مدي ۾ واڌ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

رينجرز اختيارن ۾ واڌ 90 ڏينهن لاءِ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اختيارن وارو معاملو سنڌ اسيمبلي جي منظوري سان مشروط هوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري گهرو کاتي ڏانهن اماڻي ويندي جنهن جي منظوري کانپوءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

واضع رهي ته گذريل مهيني رينجرز کي مليل اختيارن جو مدو 3 فيبروري تي پورو ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*