وارهه ويجهو گائينچا ۽ شاهاڻي برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو

warah-map

وارهه ويجهو گائينچا ۽ شاهاڻي برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، وارثن الزام هنيو آهي ته جوابدار سندن نوجوان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هڪ سئو کان وڌيڪ ٻڪريون به ڪاهي ويا آهن.

راهوجو آئيجو واري علائقي ۾ گائيچا ۽ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾  نوجوان علي دوست شاهاڻي مارجي ويو.

غيبي ديري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ قمبر اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

مقتول جي وارثن الزام هنيو جوابدار سندن نوجوان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندن هڪ سئو کان وڌيڪ ٻڪريون به ڪاهي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*