گولاڙچي ويجهو ڳوٺ بچل نــِنڌُو ۾ شادي جي تقريب دوران زهريلو شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

sharab

گولاڙچي ويجهو ڳوٺ بچل نــِنڌُو ۾ شادي تقريب دوران ڪچو شراب واپرائڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ميرپور ساڪرَي ۾ پڻ ڪچَي شراب جي واهپي سبب پڻ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو.

کورواهه ڀرسان ڳوٺ بچل نــِنڌُو ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 3 ڄڻا ويرسي مل، رامون حاجاڻو ۽ ويرسي حاجاڻو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فوتين جا لاش کورواهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته بيهوش ٿيل ٻن ڄڻن ڌرمشي ۽ مالِيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين سول اسپتال منتقل ڪيو آهي.

پوليس موجب ويرسي مل جو تعلق ڏتا واهه ۽ ويرسي حاجاڻَي جو تعلق ڪڙيو گهنور سان هو، جڏهن ته رامون حاجاڻو لاڳاپيل ڳوٺ جو رهواسي هو.

ميرپور ساڪرو جي ريحان آباد ڪالوني ۾ پڻ 24 ورهين جو يوسف خاصخيلي ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش پڻ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*