سکر ۾ پکو ۽ استري چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ جنوني جوابدار پاران نينگر کي ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻي تشدد

sukkur-child-pic

سکر ۾ پکو ۽ استري چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ جنوني جوابدار پاران نينگر کي ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري پيش آيل واقعي جون تصويرون منظر عام تي اچي ويون، پوليس جوابدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران نينگر کي ڏيڍ سئو گرام چرس جي ڪيس ۾ جيل موڪلي ڇڏيو.

سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد گڏاڻي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ 6 جنوري تي جوابدار  محمد اسلم پنهنجي پاڙيسري نينگر امتياز کوسَي کي پکي ۽ استري جي چوري جي الزام هيٺ پڪڙڻ کانپوءِ ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

نينگر تي جوابدار جي تشدد دوران پاڙي وارا بيهي لڪاءُ ڏسندا رهيا ۽ موبائل تي تصويرون پڻ کنيون.

جوابدار محمد اسلم نينگر کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو، جنهن ڏيڍ سئو گرام چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻي ڇڏيو.

سيشن ڪورٽ ۾ نينگر امتياز جي امڪاني حاضري واري اطلاع تي سندس امڙ مسمات واڌل ساڻس ملاقات لاءِ پهتي، جتي ميڊيا جي نمائندن کي تصويرون ڏيکاريندي ساڻن ٿيل ظلم جو داستان ٻڌايو.

هن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ تي تشدد ڪندڙ جوابدار ۽ تماشو ڏسندڙ پاڙيسرين خلاف ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*