سپريم ڪورٽ ۾ لياري گينگ وار جي گرفتار جوابدار عذير بلوچ جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ درخواست داخل

superemcourt12-8

سپريم ڪورٽ ۾ لياري گينگ وار جي گرفتار جوابدار عذير بلوچ جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواستگذار محمود اختر نقوي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، دفاع واري وزارت، گهرو وزير چوڌري نثار، وڏو وزير قائم علي شاهه، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته عذير بلوچ جي ڏوهن کان گرفتاري تائين جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري هنگامي بنيادن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

عدالت استدعا ڪئي وئي آهي ته عذير بلوچ جو ڪيس روزاني جي بنياد تي فوجي عدالت ۾ هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ان لاءِ جڊيشل آفيسر به مقرر ڪيو وڃي.

درخواستگذار عدالت اها به استدعا ڪئي ته شرجيل ميمڻ، قادر پٽيل ۽ اويس مظفر کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ جو حڪم ڏنو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*