بالي ووڊ سنگهم اجي ديوگن پنهنجي نئين فلم “شــِواءِ” جي ڊائريڪشن ۽ پراڊڪشن سان گڏ هاڻي فلم جو ٽائٽل گانو پاڻ ڳائيندو

ajjay-davigan

بالي ووڊ سنگهم اجي ديوگن پنهنجي نئين فلم “شــِواءِ” جي ڊائريڪشن ۽ پراڊڪشن سان گڏ هاڻي فلم جو ٽائٽل گانو پاڻ ڳائيندو.

اجي ديوگن “شــِواءِ” ۾ نئين اداڪاره سيشا سهگل سان گڏ نظر ايندو، فلم جا پروڊيوسر اجي ديوگن ۽ ايروز انٽرنيشنل آهن.

فلم جي موسيقي ترتيب ڏيندڙ مٿن ٻڌايو ته هن اجي ديوگن کي تجويز ڏني ته فلم جي ٽائيٽل ٽريڪ هو پاڻ ڳائي، اجي ديوگن نه رڳو سندس خيال کي پسند ڪيو پر ڳائڻ جي حامي به ڀري.

مٿن جو چوڻ هو ته “شــِواءِ” جو ٽائٽل سانگ فلم جو روح هوندو، جيڪو بين الاقوامي فنڪار به ڳائيندا ۽ اجي ديوگن جي بلغاريا مان واپسي بعد سندس گانو رڪارڊ ڪيو ويندو.

“شــِواءِ” 2017 جي شروع ۾ رليز ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*