برازيل جو جڳ مشهور ريو ڊي جنيرو ڪارنيوال کان هڪ هفتو اڳ سامبا اسڪول تياريون مڪمل ڪري ورتيون

bizal

برازيل جو جڳ مشهور ريو ڊي جنيرو ڪارنيوال کان هڪ هفتو اڳ سامبا اسڪول تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ فنڪارن ڪارنيوال جي رستي پريڊ ڪري پنهنجي سازن جي چڪاس به ڪئي.

ريو ڪارنيوال ۾ 12 ٽاپ سامبا اسڪول شرڪت ڪندا، جن آچر تي به ريهرسل ڪئي ۽ پنهنجي سازن، مائيڪروفن فون رقص دوران رڌم جو مظاهرو ڪيو.

سائونڊ ٽيڪنيشن اديڊلسن جو چوڻ هو ته ڪارنيوال دوران ننڍڙا ننڍڙا مائيڪرو فون تمام اهم هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ ٽي وي تي سندن پرفارمنس سڌي ريت ڏيکاري ويندي آهي، جنهن دوران ڪنهن به غلطي جي گنجائش نه آهي.

عورتن جي هڪ گروپ اڇي لباس ۾ ڪارنيوال جي روٽ تي پريڊ ڪئي پنهنجي پرفامنس کي جاچيو، سندن اڇو لباس بيانا سڏيو ويندو آهي، جيڪو  پاڪيزگي جو اهڃاڻ آهي.

سامبا ٽروپ سڄو سال ريو ڪارنيوال جي تياري ڪندا رهن ٿا، هيل ڪارنيوال ۾ 5 هزار ڊانسر ۽ سازندا شرڪت ڪندا، جن ۾ 3 سئو بهترين دهلاري به شامل هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*