پيرڳوٺ نينگري ڪبريٰ ڀنگر کي ڏاڙهي ماريندڙ ڪتن جا مالڪ منٿ ميڙ ڪري فوتي نينگري جي گهر پهچڻ تي وارثن خون معاف ڪري ڇڏيو

pir-goth-nigri

پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ بادل ڀنگر ۾ 10 سالن جي نينگري ڪبريٰ ڀنگر کي ڏاڙهي ماريندڙ ڪتن جا مالڪ منٿ ميڙ ڪري فوتي نينگري جي گهر پهچڻ تي وارثن خون معاف ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارث ڀلي خون معاف ڪن، پوليس رياست طرفان جوابدارن خلاف پنهنجي ڪارروائي جاري رکندي.

گذريل ڏينهن ڳوٺ بادل ڀنگر ۾ 10 ورهين جي ڪبريٰ ڀنگر کي ڏاڙهي ماريندڙ ڪتن جو مالڪ وحيد ڄامڙو مختلف ڳوٺن جي چڱن مڙسن کي ساڻ ڪري سندس وارثن وٽ پهتو.

نينگريءَ جي وارثن منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي خون معاف ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو حضور بخش ناريجَي چيو آهي ته نينگريءَ جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرايو ويو ته سرڪار جي مدعيت ۾ فرياد داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*