پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ پشاور جي اڪثر پيٽرول پمپس تي تيل ناياب ٿي ويو

Pakistan-Petrol-ogra-30-7

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ پشاور جي اڪثر پيٽرول پمپس تي تيل ناياب ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

پيٽرول جي اگهه ته گهٽ ٿي ويا پر عوام کي فاعدو ٿڏهن ٿيندو جڏهن پيٽرول پمپس تي تيل موجود به هجي، پر پشاور جا اڪثر پيٽرول پمس خشڪ ٿي ويا آهن.

پشاور ۾ پيٽرول پمپس بند هئڻ سبب ايڪڙ ٻيڪڙ کليل پمپس تي گاڏين جون ڊگهيون قطارو لڳل آهن،جنهن سبب شهري پريشاني ڀوڳي رهيا آهن.

سرڪاري تيل ڊپو جي انتظاميا موجب، تيل جو اسٽاڪ موجود آهي، جيترا آرڊرز مليا اتي معمول موجب تيل جي سپلائي ڪئي وئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*