پشاور جي ورسڪ روڊ تي دهشتگردن جو آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو 18 ٻارڙن سميت 20 ڄڻا شهيد 35 کان وڌيڪ زخمي

پشاور ۾ ورسڪ روڊ تي دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو  ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ٻارڙن سميت  20 ڄڻا شهيد  ۽ 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان اسڪول تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.

سيڪيورٽي اختيارين موجب آرمي جي وردي پهريل 6 کان 7 دهشتگردن ورسڪ روڊ تي آرمي پبلڪ اسڪول جي ڀت ٽپي اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني.

دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي،جنهن دوران

 سڪيورٽي اختيارين چيو آهي علائقي کي گهيري هيٺ آڻي پرائمري سيڪشن جي ٻارڙن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان اسڪول تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*