سنڌ حڪومت آبادگارن کي معاشي طور تباهه ڪرڻ چاهي ٿي شهريار مهر

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر چيو ته  سنڌ حڪومت آبادگارن کي معاشي طورتباهه ڪرڻ چاهي ٿي، ڪمند۽ سارين جي اگهن تي عمل نه ڪرائڻ نا انصافي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ سمورا اختيار صوبن وٽ آهن، پر سنڌ سرڪار ڪمند ۽ سارين جي معاملي تي وفاق تي الزام هڻي رهي آهي.

هن چيو ته سموري ملڪ ۾ ڪمند جواگهه 180 روپين کان وڌيڪ آهي، پر سنڌ ۾ سرڪاري اگهه تي  شوگر ملون عمل نه ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اڪثر ملون حڪومتي ڌر جون آهن.

شهريار مهر چيو ته ڪمند جو اگهه گهٽائڻ بعد ٻيهر وڌايو ويو پر حڪومت ان تي به  عمل نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن  سان آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ سارين جي اگهه ۾ واڌجو ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو پر ان تي به عمل نه ڪيو ويو آهي، جنهن سان هارين ۽ آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ مقبول کٽياڻ چيو ته ڪمند ۽ سارين جو اگهه درست نه ملڻ خلاف آبادگار ڌرڻا هڻڻ لاءِ  تيار آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*