ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهيد بينظير آباد جي حڪم تي 6 نارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ڊسٽرڪٽ اينڊيشن سيشن جج ضلع شهيد بينظير آباد جي حڪم تي ڄام صاحب ۾ پوليس چوڪي تي ڇاپو هڻي ٻارڙي سميت 6 نارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ٿرڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ نوابشاھ نسيم نور خان ڄام صاحب ٿاڻي جي حد جي پوليس چيڪ پوسٽ منڍ جمڙائو ڀرسان هڪ جهوپڙي ۾ قيد ٿيل ٻارڙي سميت 6 ناريون بازياب ڪرايون.

بازياب ٿيل نارين قاسم آباد حيدرآباد واسي 6_عورتن 45 ورهين جي مسمات ماروي زال حاڪم ناريجو، 15 ورهين جي حسنه ڌي غلام حسين ناريجو، 16 ورهين جي بشيران ڌي غلام حسين ناريجو، 15 ورهين جي رخسانه ڌي حاڪم علي ناريجو، 23 ورهين جي نصرت ڌي علي حسن ناريجو، 12 ورهين جي حنا ڌي علي حسن ناريجو کي بازياب ڪيو ويو آهي، عدالت جي ٻاهران بازياب ٿيل عورتن ٻڌائيو ته ڏھ ڏينهن اڳ قاسم آباد حيدرآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او گلشن مهر ۽ نسيم نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ممتاز بروهي جي قيادت ۾ پوليس اسان جي گهرن تي ڇاپو هڻي اسان فقير غلام حسين ناريجو، حاڪم ناريجو، سليم ناريجو جيڪو 13 ورهين جو آهي ۽ اسان عورتن کي گرفتار ڪيو ۽ اسان جي مٿان تشدد ڪيو ۽ اسان کي چيو ته پنهنجي مائٽن کي چئو ته ڏوڪڙ ڏين، هنن چيو ته پوليس اسان جون 6_ميهنون، شڪار جا ٻه ڪتا، سون ۽ ٻيو گهرو قيمتي سامان کڻي ويا آهن، واضح هجي ته سنڌ يونيورسٽي جي پوليٽڪل سائنس ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندڙ سيڪنڊ يئر جي شاگرد دلدار حسين ناريجو پنهنجي وڪيل اشفاق احمد لنجار جي معرفت تي ڊسٽرڪٽ اينڊسيشن جج ضلع شهيد بينظير آباد عدالت ۾ اهڙي درخواست ملڻ کانپوءِ 6 ئي عورتون بازياب ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*