جيڪڏهن ڌرڻا نه لڳن ها ته ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي وڃن ها ۽ ملڪ ترقي جي رستي تي هجي ها:وزيراعظم نواز شريف

nawaz-karachi

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڌرڻا ۽ هڙتالون ڪرڻ جو مقصد حڪومت کي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ کان روڪڻ هو، جيڪڏهن ڌرڻا نه لڳن ها ته ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي وڃن ها ۽ ملڪ ترقي جي رستي تي هجي ها.

پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ چين جي سهڪار سان تعمير ٿيندڙ ڪول پراجيڪٽ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪول پاور پلانٽ ملڪ مان توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

هن چيو ته ماضي ۾ هڪ سال جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ 10 سال لڳي ويندا هئا پر موجوده سرڪار ترجيحي بنيادن تي منصوبن کي مڪمل ڪري رهي آهي ۽ تيز رفتار منصوبن جو مثال حڪومت لاءِ اعزاز آهي.

وزيراعظم  چيو ته کيس ڄاڻ ناهي ته ملڪ ۾ بجلي جو بحران ڪيئن پيدا ٿيو، بجلي بحران پيدا ٿيڻ بعد ان جي خاتمي لاءِ ماضي جي حڪومتن ڪي به قدم نه کنيا.

وزيراعظم  وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ منصوبا ڪرپشن جي نذر ٿي ويا پر موجود حڪومت جي هڪ هڪ پائي جو حساب رکي رهي آهي ۽ منصوبن جي شفافيت جو مثال ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل به ڏنو آهي.

نوازشريف جو چوڻ هو ته ماضي ۾ موٽروي جي مخالفت ڪندڙ هاڻي ان روڊ تي سفر ڪري رهيا آهن، اهڙي ريت اقتصادي راهداري منصوبي جي به مخالفت ڪئي پئي وڃي پر ان منصوبي سان ن ليگ نه سڀني پارٽين کي فائدو ٿيندو.

وزيراعظم پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هڪ پاسي ترقي آهي، ٻي طرف ڌرڻا ۽ هڙتالون آهن، ڌرڻا هڻڻ جو مقصد ن ليگ جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ کان روڪڻ هو.

 هن چيو ته ڌرڻن سبب پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو ويو، جيڪڏهن ڌرڻا نه لڳن ها ته هن وقت ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي چڪا هجن ها………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*