ٽنڊي محمد خان ويجهو گذريل ڏينهن پوليس چڙهائي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل نينگر جي وارثن حيدرآباد-بدين روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

TM-khan-dead-body

ٽنڊي محمد خان ويجهو گذريل ڏينهن پوليس چڙهائي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل نينگر جي وارثن حيدرآباد-بدين  روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ايس ايس پي پاران اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ واري خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، پر واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

اغوا ڄاڻايل ناري جي بازيابي لاءِِ حيدرآباد پوليس پاران ڳوٺ ساوڻ لغاري تي چڙهائي دوران فائرنگ ۾ 13 ورهين جو نينگر حسين بخش لغاري مارجي ويو هو.

مارجي ويل نينگر جي وارثن لاش حيدرآباد-بدين روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪري نينگر حسين بخش لغاري کي گوليون هڻي ماريو آهي.

هنن چيو ته ايس ايس پي پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ باوجود ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، جيڪا ساڻن نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ تي چڙهائي ڪري نينگر کي بيگناهه قتل ڪندڙ حيدرآباد جي پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان  ڌرڻي واري هنڌ پهچي ملوث اهلڪارن کي خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو، پر هيل تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*