ڪراچي ۾ مظاهري دوران فائرنگ ۾ ٽن ملازمن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف سموري ملڪ ۾ فلائيٽ آپريشن بند

air-line

ڪراچي ۾ مظاهري دوران فائرنگ ۾ ٽن ملازمن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف پي آءِ اي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سموري ملڪ ۾ فلائيٽ آپريشن بند آهي، اڄ ٻئي ڏينهن به 95 ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن، گذريل ڏينهن واريون ملتوي ٿيل اڏامون به ري شيڊيول نه ٿي سگهيون.

جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پي آءِ اَي ملازمن پاران فلائيٽ آپريشن بند رکيو ويو آهي، جنهن سبب اڄ 95 ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامون معطل ٿي ويون آهن.

ڪراچي ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ملازمن پي آءِ اَي جي هيڊ آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد، پشاور، لاهور، ملتان، نوابشاهه، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ پي آءِ اي ملازمن سراپا احتجاج بڻيل آهن.

پي آءِ اي جَي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج سبب سکر ۾ هڪ، ملتان ۾ 10 ۽ لاهور ۾ 29 ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن.

پشاور کان ڪراچي ويندڙ قومي ايئرلائين جي اڏام پي ڪي 353 ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته فيصل آباد ۾ پي ڪي 340 پڻ ملازمن جي احتجاج سبب ملتوي ٿي وئي.

پشاور کان ڪوالالمپور، دوحا، دبئي ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ اڏامون پڻ ملتوي ڪيون ويون، جڏهن ته لاهور ايئرپورٽ تي 32 مان 29 اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن.

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج سبب اسلام آباد جي شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پڻ ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*