سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن پي آءِ اي جي ملازمن جو قتل ڪيس وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن خلاف داخل ڪرائڻ جو مطالبو

atzaz-hussain

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن پـِي آءِ اي جي ملازمن جو قتل ڪيس وزيراعظم نواز شريف ۽ وفاقي وزيرن خلاف داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ن ليگ جا وزير گوليون هلائڻ بعد ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نواز شريف پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻڻ جو ماهر آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته حڪومتي قدمن مان ثابت ٿي ويو آهي ته ن ليگ پي آءِ اي جي نجڪاري نٿي چاهي پر قومي ايئرلائين کي خريد ڪرڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي کي سياسي فائدو ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي ته سڀ کان وڌيڪ فائدو ن ليگ ٿيندو ۽ قومي ايئرلائين ن ليگ ايئرلائين بڻجي ويندي.

اعتزاز  احسن چيو ته پي آءِ اي جي ملازمن جي احتجاج تي فائرنگ مذمت جوڳو عمل آهي، مارجي ويل ملازمن جو قتل ڪيس وزيراعظم نواز شريف خلاف داخل ڪرايو وڃي ۽ ايف آءِ آر ۾ وفاقي وزيرن کي به نامزد ڪيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته شريف ڀائر پي آءِ اي کي ڀڳڙن مٺ عيوض خريد ڪرڻ چاهين ٿا پر اپوزيشن خاموش نه ويهندي، گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ مارجي ويل پي آءِ اي جي ملازمن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جا وزير گوليون هلائڻ بعد ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نواز شريف به پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ جو ماهر آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*