سپريم ڪورٽ پنجاب جي قومي تڪ اين اي 89 جهنگ تي نوازليگ جي ايم اين اي شيخ محمد اڪرم جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي
سـُپريم ڪورٽ، پنجاب جي قومي تڪ اين اي 89 جهنگ تي نواز ليگ جي شيخ محمد اڪرم کي ڪامياب قرار ڏيندي مولانا احمد لڌيانوي جي ڪاميابيءَ وارو اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڪري ڇڏيو آهي.
جسٽس ثاقب نثار جـِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ اين اي 89 جهنگ تي ڌانڌلي بابت فيصلو 8 ڊسمبر 2014 تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻن سالن بعد ٻڌايو ويو آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ نواز ليگ جي شيخ محمد اڪرم کي ڪامياب قرار ڏيندي اليڪشن ٽربيونل جو مولانا احمد لڌيانوي کي ڪامياب قرار ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو آهي.
اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد، نامزدگي ڪاغذن ۾ پيءُ جو نالو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر غلط هئڻ وارن الزامن بعد نواز ليگ جي شيخ محمد اڪرم کي ڊي سيٽ ڪندي تڪ تي ٻي نمبر اميدوار مولانا احمد لڌيانوي کي ڪامياب قرار ڏنو هو.
شيخ محمد اڪرم سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ولديت ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي غلطي صحيح ڪرائي ڇڏي آهي…….