سليم اڪبر کي سيني ۾ گولي لڳڻ بعد پٺيءَ پار ٿي وئي، گهڻو رت وهڻ سبب موت واقع ٿيو، پي آءِ اَي ملازم جي پوسٽ مارٽم رپورٽ

Pia-protest

ڪراچي ۾ پي آءِ اَي ملازمن جي احتجاج دوران مارجي ويل ايئرڪرافٽ انجنيئر سليم اڪبر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري، سليم اڪبر کي سيني ۾ گولي لڳڻ بعد پٺيءَ پار ٿي وئي، گهڻو رت وهڻ سبب موت واقع ٿيو.

ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر ڪليم شيخ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايئرڪرافٽ انجنيئر سليم اڪبر کي 2 کان 6 فوٽن جي فاصلي تان سيني جي ساڄي پاسي ۾ گولي لڳي، جيڪا پــُٺِيءَ جي کاٻي پاسي پار ٿي وئي.

پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انجنيئر سليم اڪبر جو گهڻو رت وهڻ سبب موت واقع ٿيو.

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پي آءِ اَي جي نجڪاري خلاف جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ريلي جي صورت ۾ هيڊ آفيس کان جناح ٽرمينل ڏانهن وڌندڙ ملازمن مٿان پوليس ۽ رينجرز پاران شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي.

چڪرين دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ پي آءِ اَي جو ڪميونيڪيشن مئنيجر عنايت علي رضوي، ايئر ڪرافٽ انجنيئر سليم اڪبر  ۽ محمد زبير مارجي ويا ۽ ٻن صحافين سميت 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا پر اڄ ٻئي ڏينهن به واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

ڊي ايس پي افتخار لوڌي موجب واقعي واري هنڌ تان سموريون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جن جي آڌار تي جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*