پشاور ۾ دهشتگردن جو آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ٻارڙن سميت 126 ڄڻا شهيد 84 کان وڌيڪ زخمي

پشاور ۾ دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو  ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 126 ڄڻا شهيد ۽ 84 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.

سيڪيورٽي اختيارين موجب ايف سي جي وردي پهريل 6 کان 7 دهشتگردن ورسڪ روڊ تي آرمي پبلڪ اسڪول جي ڀت ٽپي اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني.

دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي،جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خشڪ ليدي ريڊنگ ۽ سي ايم ايڇ اسپتالن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته دهشتگردن جي حملي ۾ ٻارڙن ۽ استادن سميت 126 ڄڻا شهيد ۽ 84 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد  به مارجي ويا آهن.

دهشتگردن جي حملي ۾ ٻارڙن سميت شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ سي ايم ايڇ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪجهه  زخمين جي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان اسڪول تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي، جڏهن ته اهڙي واقعي تي ڪي پي  ڪي سرڪار 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*