سنڌ پوليس جي چوٽيءَ جي آفيسرز وچ ۾ موجود اختلاف پهريون ڀيرو کلي سامهون اچي ويا

ig-sindh

سنڌ پوليس جي سينيئر ترين آفيسرز وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، آءِ جي سنڌ ٽن سينيئر ترين آفيسرس خلاف خط لکي چيو آهي ته ثناءُ الله عباسي کي انڪم ٽيڪس ۽ اي ڊي خواجا کي فارين سروس ۾ اماڻيو وڃي، اي آءِ جي فنانس سلطان خواجا کي به عهدي تان هٽايو وڃي.

آءِ جي سنڌ غلام حيدرجمالي پارن چيف سيڪريٽري سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 2011ع جي فيصلي ۾ واضح ڪيو هو ته ڪنهن به آفيسر کي پنهنجي کاتي کانسواءِ ٻئي کاتي ۾ مقرر نه ڪيو وڃي، عدالت 2013ع ۾ ٻيو حڪم ڏنو هو ته جيڪي به آفيسرز ٻين کاتن ۾ مقرر آهن، انهن کي هٽائي ٽن هفتن اندر رپورٽ ڏني وڃي.

آءِ جي سنڌ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙيل آهي، جيڪا ڪيسز جو جائزو وٺي رهي آهي.

آءِ جي سنڌ خط ۾ لکيو آهي عدالت پنهنجي حڪم ۾ واضح ڪيو هو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش کانسواءِ ڪنهن به آفيسر جو ڪيڊر يا کاتو تبديل نه ٿو ڪري سگهجي.

آءِ جي لکيو آهي ته کيس جاچ مان ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ پوليس ۾ مقرر ڊِي آءِ جي الهڏنو عرف اي ڊي خواجا جو تعلق فارين سروسز ۽ اي آءِ جي ثناءُ الله عباسي جو تعلق انڪم ٽئڪس گروپ سان آهي.

آءِ جي سنڌ چيف سيڪريٽري کي سفارش ڪئي آهي ته ڄاڻايل آفيسرز کي پنهنجن اصل کاتن ۾ اماڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سان رابطو ڪيو وڃي ۽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

هڪ ڌار خط ۾ آءِ جي سنڌ چيف سيڪريٽري آڏو شڪايت ڪئي آهي ته اي آءِ جي فنانس سلطان علي خواجا جو ساڻس رويو درست ناهي ۽ 4 جنوري 2016ع تي مقرري کان هن وقت تائين هو کيس اهميت نه ٿو ڏئي.

آءِ جي سنڌ لکيو آهي ته سينٽرل پوليس آفيس کي سلطان خواجا جي وڌيڪ خدمتن جي ڪا به ضرورت ناهي، مهرباني ڪري کيس هٽايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*