لاڙڪاڻي ۾ نيب ٽيم ميونسپل آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو

nab-logo-08

لاڙڪاڻي ۾ نيب ٽيم ميونسپل آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي، عملدارن جو چوڻ آهي ته آفيس ۾ ترقياتي ڪمن واري رقم ۾ ڪرپشن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، سکر ۾ به ڪرپشن جي الزام هيٺ ريلوي جي بڪنگ ڪلارڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سکر جي نيب ٽيم اسسٽنٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ذوالفقار علي شاهه جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي جي ميونسپل آفيس تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران نيب ٽيم ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ  گذريل ڪجهه سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته ميونسپل آفيس ۾ تر قياتي ڪمن لاءِ مليل رقم ۾ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن سکر ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ ريلوي پوليس ڪارروائي ڪندي بڪنگ ڪلارڪ نصير احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي ريلوي ملڪ عطيق احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته بڪنگ ڪلارڪ نصير احمد خلاف اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس هلندڙ هو ۽  23 جنوري تي ضمانت رد ٿيڻ بعد کيس گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي ريلوي جو چوڻ هو ته بڪنگ ڪلارڪ ريلوي ملازمن جي نالن تي ٽرين ۾ صفر ڪرڻ لاءِ جعلي پاسون ٺاهي مسافرن کان پيسا وٺندو.

ايس ايس پي ريلوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار 16 لک رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، گرفتاري دوران وٽانس 10 لک رپيا بر آمد ڪيا آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*