نوابشاهه جي عدالت پاران دوڙ ڀرسان مارجي ويل نوجوان جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

nawabshahcourt29-8

نوابشاهه جي عدالت پاران دوڙ ڀرسان مارجي ويل نوجوان جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار جو چوڻ آهي ته جنهن ڇوڪريءَ کي هن پسند ڪيو هو ان سان شادي ڪرڻ تي هن نوجوان کي قتل ڪيو آهي.

 دوڙ ويجهو هڪ هفتو اڳ مارجي ويل مهمير ڏاهري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار گل حسن ڏاهري کي جڊيشل مئجسٽريٽ  آڏو پيش ڪيو.

عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدار جو چوڻ هو ته جنهن ڇوڪريءَ کي هن پسند ڪيو هو ان سان شادي ڪرڻ تي هن نوجوان  مهمير ڏاهري کي قتل ڪيو آهي.

 جوابدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو مهمير ڏاهري سان گڏ دوڙ کان نوابشاهه ويو هو جتان واپسي ۾ هن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو هو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*