ايئرلائين جا ملازم تي طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي:آصف علي زرداري

Asif Ali zardari iran 15-7

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي آءِ اي ملازمن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قومي ايئرلائين جا ملازم بيروزگاري جي خوف کان احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن تي طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي، ماڊل ٽائون سانحي جيان پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ واري واقعي کي دٻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته هـُو ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي ملازمن تي فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهن، پ پ هن ڏکي وقت ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

هن چيو ته پي آءِ اي جا ملازم بيروزگاري جي خوف کان پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي احتجاج ڪري رهيا آهن، ملازمن تي مبينا طور سڌيءَ تي فائرنگ کيس وڏو صدمو پهچايو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته جنهن وقت پي آءِ اي جي ملازمن تي فائرنگ ڪئي وئي، ان وقت سوين مسافرن سان ڀريل جهاز ايئرپورٽ تان اڏام ڪري رهيو هو، ان موقعي تي فائرنگ خطرناڪ ۽ ڪـِريل حرڪت ڪئي، اهڙي عمل سان وڏي نقصان جو خدشو هو.

آصف علي زرداري مطالبو ڪيو ته پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ ڪندڙ ۽ طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين بيان ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت ماڊل ٽائون سانحي مان سبق ناهي سکيو، وفاقي سرڪار کي ماڊل ٽائون سانحي جيان هڪ واقعي کي دٻائڻ نه ڏنو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*