اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ جا ميمبرز ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شريڪ

 sindh-assembly11-12-15

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ جا ميمبرز ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شريڪ ٿيا.

 پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي پي آءِ اي ملازمن تي تشدد واري واقعي جي مذمت ۽ عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ته اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن اعتراض ڪيو ۽ چيو ته هو به ان معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ گهرن ٿا.

نثار کهڙي چيو ته جيڪڏهن ڪو ٺهراءُ آڻڻو هو ته کين اڳواٽ ڪاپي فراهم ڪرڻ کپندي هئي، جيڪا ناهي ڏني وئي.

خواجا اظهار الحسن چيو ته ڪامران اختر ان معاملي تي گذريل ڏينهن ٺهراءُ جمع ڪرايو هو، شهلا رضا چيو ته ڪامران اختر جو ٺهراءُ پي آءِ اي ملازمن تي تشدد نه پر صحافين تي تشدد خلاف هو.

خواجا اظهار کانپوءِ ف ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان به ڌار ڌار ٺهراءُ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد اپوزيشن ليڊر جي تجويز تي سمورن ٺهرائن کي گڏائي سرڪاري ڌر جي ٺهراءُ ۾ ترميم ڪئي وئي صحافين تي تشدد جي مذمت وارو نقطو به شامل ڪيو ويو.

مراد علي شاهه عدالتي جاچ جي مخالفت ڪندي چيو ته تاريخ شاهد آهي ته عدالتي جاچ ڪڏهن نتيجا ناهن ڏنا، تحريڪ انصاف جي حفيظ الدين چيو ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي.

شهلا رضا چيو ته جهڙي ريت شهيد بينظير تي حملي کانپوءِ فوري طور واقعي واري هنڌ کي ڌوئي شاهديون ضايع ڪيون ويون، اهڙي ريت گذريل ڏينهن به شاهديون ضايع ڪيون ويون.

نوازليگ جي سورٺ ٿيٻو چيو ته پي آءِ اي جو معاملو به اهم آهي پر ٿر تي نامڪمل بحث کي به سهيڙيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٿر جا ٻار به اسان جا ٻچا آهن.

متحده جي محمد حسين چيو ته ٺهراءُ عجيب آهي، سرڪار پنهنجي ٺهراءُ ۾ پاڻ کان ئي گهر ڪري پئي معاملي جي جاچ ڪرايو.

هن چيو ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته معاملي تي ڳالهايو، اسپيڪر جي رولنگ آهي ته غير واسطيدار جملا ڪارروائي مان هذف ڪيا ويندا.

محمد حسين ساڳي ريت تقرير جاري رکي ته ڊپٽي اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو، ان موقعي تي متحده ميمبرز احتجاج ڪيو، جنهن تان شهلا رضا ۽ متحده ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

 ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سندس نالو ڪنهن جي آءِ ٽي ۾ ناهي آيو، ڊڄن اهي جن جا نالا اجمل پهاڙي ۽ ٻين جي جي آءِ ٽي رپورٽس ۾ آيا، کيس ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن، اهي سڀ مارجي ويا، جن بابت جي ايڇ ڪيو ٻڌايو ته اوهان کي هنن مان خطرو آهي.

ڊپٽي اسپيڪر، خيرالنساءِ مغل کي تقرير جي اجازت ڏني ته ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو، پ پ جي عورت ايم پي ايز چيو ته کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته لڳي ٿو پي آءِ اي ملازمن جي حمايت ۾ ٺهراءُ روڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

ان موقعي تي متحده ميمبرن علامتي واڪ آئوٽ ڪيو.

ف ليگ جي ڄام مدد علي چيو ته هو مخالف هوندي به مڃي ٿو ته پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري پارٽي هئي، محترمه کانپوءِ پارٽي غير جمهوري روش اختيار ڪئي آهي.

هن چيو ته محترمه ته ادارن جي نجڪاري خلاف احتجاجن ۾ شريڪ رهي پر هاڻ پ پ هن معاملي تي فرينڊلي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

پ پ جي شميم ممتاز چيو ته کانئن 12 مئي سميت ڪو به واقعو ناهي وسريو، هوءَ گهڻو ڳالهائڻ چاهي ٿي پر نه ٿي ڳالهائي ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ لڳي ٿو.

نصرت سحر عباسي چيو ته پي آءِ اي کي انڊس ايئر لائين جي ڪري تباهه ڪيو ويو، ضياءُ الحق ۽ ميان منشا جي مذمت ڪندڙ ڊاڪٽر عاصم ۽ عزير بلوچ بابت ڇو نه ٿا ڳالهائين.؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*