ميهڙ ۾ آبپاشي کاتي ڪڪول واهه تي قبضن خلاف ڪارروائي ڪندي 15 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا

mehar-kakol-wah

ميهڙ ۾ آبپاشي کاتي ڪڪول واهه تي قبضن خلاف ڪارروائي ڪندي 15 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، متاثرن سان چڪرين دوران پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن بعد متاثرن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آبپاشي کاتي پاران ڪڪول واهه جي ٻنهي ڪپرن تان قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس سان گڏ ڪارروائي ڪئي وئي، ان دوران 15 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا.

گهر ڊاهڻ تي متاثرن جي احتجاج  دوران پوليس سان چڪريون ٿي پيون، جنهن دوران پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتارين ۽ گهر ڊاهڻ خلاف متاثرن عورتن ۽ ٻارڙن سميت بي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته پوليس ڪارروائي ڪندي سندن 15 کان وڌيڪ اجها ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ احتجاج ڪرڻ تي نوجوان عبدالهادي ۽ لياقت کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ڪيترن ئي سالن کان ويٺل  غريب ماڻهن خلاف بنا ڪنهن اطلاع جي ڪارروائي ڪري  کين بي گهر ڪيو ويو آهي.

متاثرن چيو ته ڪڪول واهه جي ڪپرن تي بااثرن جا مال جا واڙا ۽ شاپنگ سينٽر قائم آهن، پر آبپاشي کاتو رڳو غريب ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيوته بيگناهه گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن کي فوري طور آزاد ڪري غريب ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

آبپاشي کاتي جي انجنيئر طارق ڪيهر جو چوڻ هو ته  ڪڪول واهه جي ٻنهي ڪپرن تان قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا قبضا ختم ٿيڻ تائين جاري رکي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*