ميرپورخاص سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 5 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، وارثن لاش اسپتال ۾ رکي احتجاج

Mirpur-Khas-map

ميرپورخاص سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 5 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن خلاف وارثن لاش اسپتال ۾ رکي احتجاج ڪيو.

زاهد آباد واسي پورهيت نبي بخش خاصخيلي جو 5 ورهين جو پٽ بلاول فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻندي سخت احتجاج ڪيو.

ٻارڙَي جي پيءُ نبي بخش خاصخيلي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته آپريشن دوران ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي، هاڻي رت جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي رهيا آهن، جڏهن ته کانئن رت گهريو به نه ويو هو.

هنن مطالبو ڪيو ته ٻارڙَي جي آپريشن ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*