وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف راحيل شريف پشاور روانا ٿي ويا

 پشاور ۾ اسڪول  تي حملي کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف، آرمي چيف هنگامي طور پشاور روانا ٿي ويا آهن، عمران خان به پشاور وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، نواز شريف چيو آهي ته شهيد ٿيل سندس ٻارڙا هئا، هو  اسلام آباد ۾ نٿو ويهي سگهي.

وزير اعظم نواز شريف پشاور ۾ آرمي جي اسڪول تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوري طور ڪارروائي ڪري يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزير اعظم اسلام آباد کان پشاور روانگي وقت چيو ته پشاور ۾ ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيل سندس ٻارڙا هئا ان ڪري هو اسلام آباد ۾ نٿو ويهي سگهي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ڪوئيٽا جو دورو ختم ڪري هنگامي طور پشاور پهتو آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به آرمي جي اسڪول تي حملي جي مذمت ڪندي پشاور پهچڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*