ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري

dr-asim-ATC29-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊاڪٽر عاصم ڪيس  ۾ روپوش جوابدارن جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن سليم شهزاد بابت رڪارڊ ڏيڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي آهي، ڄاڻ ملي آهي ته سليم شهزاد جو اصل نالو سليم الحق آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالده ياسين دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڊاڪٽر عاصم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران رئوف صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻيءَ دوران ڊاڪٽر عاصم ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي الطاف حسين، روپوش جوابدارن بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته سليم شهزاد قائمخاني بابت نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کان رڪارڊ گهريو آهي، جن رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ مهلت گهري آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته کيس ڄاڻ ملي آهي ته سليم شهزاد جو اصل نالو سليم الحق آهي ۽ ان جو سليم شهزاد جي نالي سان رڪارڊ ناهي، پر ان حوالي سان وڌيڪ رڪارڊ ملڻ بعد عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

عدالت، جاچ آفيسر جي رپورٽ بعد روپوش جوابدار سليم شهزاد ، انيس قائمخاني، قادر پٽيل ۽ ٻين روپوش جوابدارن جا گرفتار وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻيءَ دوران پاسبان اڳواڻ معظم عثمان جي وڪيل چيو آهي ته سندس مئوڪل کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ بابت درخواست داخل ٿيل آهي، جنهن تي اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*