ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس پاران شاهراه فيصل ۽ ريڊ زون ۾ گڏهه گاڏو هلائڻ تي پابندي

donkey

   ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس  پاران   شاهراه فيصل ۽ ريڊ زون ۾ گڏهه گاڏو هلائڻ تي پابندي  لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ٽريفڪ پوليس 5 گاڏا هلائيندڙن کي حراست ۾ وٺي سلطان آباد پوليس چوڪي تي بيهاري ڇڏيو، جڏهن ته  گڏهه گاڏن تي چالان ڪٽڻ بابت قانون نه هئڻ سبب ٽريفڪ پوليس ٻڏتر جو شڪار آهي.

       ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ۽ اهم روڊن سميت ريڊ زون ۾ گڏهه گاڏو هلائڻ تي پابندي کانپوءَ ٽريفڪ پوليس شهر جي مختلف علائقن مان 5 گڏهه گاڏا هلائيندڙن کي حراست۾ ورتو.

 ٽريفڪ پوليس حراست ۾ ورتل 5پورهيتن کي گڏهه گاڏن سميت وزير اعليٰ هائوس ڀرسان سلطان آباد پوليس چوڪي تي آندو.

    گڏهه گاڏڻ تي چالان ڪٽڻ بابت قانون نه هئڻ سبب ٽريفڪ پوليس پريشاني ۾  مبتلا آهي ته چالان  گڏهن گاڏن تي ڪٽجي يا انهن جي مالڪن .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*