پي ٽي آءِ 18 ڊسمبر وارو ملگير ۽ پي اي ٽي سڀاڻي رٿيل احتجاجي مظاهرا ملتوي ڪري ڇڏيا

 پي ٽي آءِ پشاور ۾ اسڪول تي حملي کانپوءِ  18 ڊسمبر وارو  ملڪگير احتجاج ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ سڀاڻي رٿيل احتجاجي مظاهرا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ جي ميڊيا سيل موجب  پشاور ۾ ڏکوئيندڙ واقعي سبب 18 ڊسمبر وارو  ملڪگير احتجاج ملتوي ڪيو ويو آهي.

اسڪول تي حملي کانپوءِ پاڪستان عوامي تحريڪ به سڀاڻي حڪومت خلاف سموري ملڪ ۾ اعلانيل احتجاجي مظاهرا  ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي قيادت جو چوڻ آهي ته حڪومت خلاف احتجاج جي نئين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*