آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 49 ڪروڙ 70 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

ishaq-dar-07-8

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ڪامياب ڳالهين بعد آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 49 ڪروڙ 70 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسحاق ڊار چيو آهي ته مفاد پرست پي آءِ اَي جَي مسئلن تي ملازمن کي غلط استعمال ڪيو، پي آءِ اي جي ڪنهن به ملازم کي فارغ نه ڪيو ويندو.

ناڻي واري وفاقي وزير دبئي ۾ آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي پاڪستان لاءِ 49 ڪروڙ 70 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏني وئي.

ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪجهه بيمار ذهن غلط ڄاڻ ڦهلائي رهيا آهن، معاملي کي وڌائڻ پٺيان سياسي هٿ مليل آهن.

سندس چوڻ هو ته قومي ايئر لائين جي سروس ڪافي عرصي کان بهتر نه آهي، ملازمن ۾ غلط فهمي پکيڙي وئي ته کين نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.

هن چيو ته حڪومت کي ڄاڻ آهي ته پي آءِ اي اندر وڏي انگ ۾ غيرقانوني ڀرتيون ٿيون ۽ اداري کي روزانو اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

وفاقي وزير اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ناڻي جو ڦهلاءُ گذريل 12 سالن دوران گهٽ سطح تي آهي، خطي ۾ چئلينجز باوجود پاڪستاني معيشت ترقي ڪري رهي آهي.

هن چيو ته خساري ۾ هلندڙ ادارا بهتري طرف وڌي رهيا آهن، توانائي بحران تي ضابطي لاءِ بهتر قدم کنيا ويا آهن ۽  2018ع تائين وڌيڪ 1800 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*