ملير جي عدالت ڪراچي ايئرپورٽ تي پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

Pia-protest

ملير جي عدالت ڪراچي ايئرپورٽ تي پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، درخواستگذار وفاقي وزير پرويز رشيد، سينيٽر مشاهد الله، نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.

ملير جي عدالت ۾ پي آءِ اي جي ملازمن جي احتجاج تي فائرنگ ۾ مارجي ويل ملازمن جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ بابت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻيءَ دوران ايس ايڇ او ايئرپورٽ خالد عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي عملدارن ساڻس رابطو ناهي ڪيو، جيڪڏهن درخواست ڏني وئي ته قانون موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي.

ان موقعي تي عدالت هدايت ڪئي ته فريادي جو بيان رڪارڊ ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پي آءِ اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهيل بلوچ جو چوڻ آهي ته هنن ملازمن جو قتل ڪيس وفاقي وزير پرويز رشيد، سينيٽر مشاهد الله، چيئرمين نجڪاري ڪميشن محمد زبير، سيڪريٽري سول ايويئيشن اٿارٽي عرفان الاهي سميت 6 ڄڻن تي داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*