ٽنڊي باگي جي سول اسپتال ۾ مبينا ڪرپشن جو چيئرمين اينٽي ڪرپشن نوٽيس ورتو

anti-corruption-sindh-10-11

ٽنڊي باگي جي سول اسپتال ۾ مبينا ڪرپشن جو چيئرمين اينٽي ڪرپشن نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيئرمين اينٽي ڪرپشن ممتاز شاهه ٽنڊي باگي جي سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ اسپتال لاءِ مليل فنڊس ۾ ڪرپشن واري شڪايتن جو نوٽيس ورتو.

چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد عرفان مختار جي سربراهي ۾ 3 روڪي جاچ ٽيم جوڙي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيئرمين اينٽي ڪرپشن ممتاز شاهه جو چوڻ آهي ته ٽنڊو باگو سول اسپتال ۾ دوائن جي خريداري ۾ ٿيل ڪرپشن ۾ جيڪڏهن ته اينٽي ڪرپشن جا مقامي عملدار به ملوث آهن ته انهن خلاف  به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*