ٿر ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال ناهي، افغانستان ۽ سنگاپور جي ڀيٽ ۾ ٿر ۾ گهٽ ٻار فوت ٿين ٿا:حڪومتي ميمبر

 sindh-assembly11-12-15

  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿر صورتحال تي بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سخت تنقيد ڪندي ٿر ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي فوت ٿيڻ جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏنو، حڪومتي ميمبرن مخالف ڌر جي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته ٿر ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال ناهي، افغانستان ۽ سنگاپور جي ڀيٽ ۾ ٿر ۾ گهٽ ٻار فوت ٿين ٿا.

سنڌ اسميبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، ٿر صورتحال تي بحث دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪٿي به ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي، سنڌ حڪومت رڳو هڪ يوسي جي مثال ڏئي جتي حالتون بهترهجن.

خواجه اظهار ٿر ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي فوت ٿيڻ جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏيندي چيوته دعوائون وڏيون ڪيون وڃن ٿيون پر عملي ڪم نظر نه پيو اچي.

صوبائي وزير علي مردان شاهه چيو ته ٿر ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال ناهي، ٿر واسين وٽ ٻاجهري ۽ ٻيو اناج ذخيرو ٿيل آهي.

ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ 7 ڊيم مڪمل ڪيا ويا آهن، 12 ڊيمن تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ اڇڙي ٿر تائين پاڻي  پهچائڻ وارين اسڪيمن تي به ڪم جاري آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ ساڍا ست سئو آر او پلانٽس مان 70 کان 80آر او پلانٽس ڪم نه پيا ڪن.

متحده جي سيد سردار احمد ٿر جي ترقي ۽ فنڊس جي شفاف ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٿر ڊولپمينٽ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني.

فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته ٿر ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، نوڪريون مقامي ماڻهن بدران ٻين صوبن جي رهواسين کي ڏنيون پيون وڃن.

نند ڪمار گوڪلاڻي ٿر صورتحال جي جائزي لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ٻين ميمبرن کي ٿر جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ فوري طور تي  طبي ايئر سروس شروع ڪئي وڃي.

صوبائي وزير سڪندر منڌري چيوته سنگاپور ۽ افغانستان جي ڀيٽ ۾ ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي شرح گهٽ آهي.

متحده جي هير سوهو چيو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرز جون پگهارون ٻيڻيون ڪرڻ، 10 هزار ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ 10 هزار آر او پلانٽ لڳائڻ وارن اعلانن تي عمل ناهي ٿيو.

هير سوهو چيو ته ننڍي ڄمار ۾ شاديون رڳو ٿر ۾ نه پر ٻين صوبن ۾ به ٿي رهيون آهن.

اجلاس دوران پ پ ايم پي اي پير مجيب دادو جي ڊي سي سردار جمالي خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي، جيڪا واسطيدار ڪميٽي حوالي ڪئي وئي.

سوال جوابن جي وقفي دوران صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال مختلف ميمبرن پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي منجهي پيو، جنهن دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ ٻيا ميمبر سندس مدد ڪندا رهيا.

متحده جي هير سوهو ۽ ڪامران اختر ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا سان مخاطب  ٿيندي چيو ته هو گهرو وزير کان سوال پڇي رهيا آهن، اوهان جواب ڇو پيا ڏيو.

متحده جي هير سوهو گهرو وزير  کي چيو ته اوهان اڄ امتحان ۾ فيل ٿي ويا آهيو، جنهن تي سهيل انور سيال چيو ته هو وزير آهي، ٽائيپسٽ نه.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*