سعودي عرب دهشتگرد تنظيم داعش خلاف هوائي حملن کي ناڪافي قرار ڏيندي ڪارروائي لاءِ زميني فوج اماڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

soudi

سعودي عرب دهشتگرد تنظيم داعش خلاف هوائي حملن کي ناڪافي قرار ڏيندي ڪارروائي لاءِ زميني فوج اماڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي،

سعودي عرب جي فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل احمد عسيري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن امريڪا جي اڳواڻي هيٺ اتحاد ۾ سامل ملڪن جا اڳواڻ شام ۾ فوجي ڪارروائي تي اتفاق ڪن ته سعودي عرب به ان جو حصو بڻجندو.

هن چيو ته سعودي عرب سمجهي ٿو ته شام جي سرزمين تي داعش خلاف هوائي حملا ڪافي نه آهن، انڪري هوائي حملن سان گڏ زميني ڪارروائي به ضروري آهي ۽ سعودي ڪنهن به اهڙي آپريشن جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهي، جنهن تي فوجي اتحاد جي قيادت متفق هجي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي سعودي عرب جي زميني ڪارروائي واري تجويز جو جائزو وٺڻ کانسواءِ تبصري کان انڪار ڪندي چيو آهي ته امريڪا داعش خلاف جنگ ۾ اتحادين جي مدد ۾ واڌ جي آجيان ڪندو.

امريڪي اڳواڻي ۾ اتحاد سيپٽمبر 2014ع کان شام ۾ داعش جي دهشتگردن خلاف هوائي حملا ڪري رهيو آهي ۽ سعودي جهاز به ان ڪارروائي جو حصو آهن پر اتحاد کي هوائي حملن سان ڏيڍ سال دوران ڪا وڏي ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

سعودي عرب پهريون ڀيرو خطي جي ملڪن سان گڏجي فوجي اتحاد جوڙيو آهي، جيڪو هن وقت يمن ۾ حوثي باغين خلاف هوائي حملا ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*