ٽنڊي محمد خان ۾ معذورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 39 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

Tando-muhmmad-khan-

ٽنڊي محمد خان ۾ معذورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 39 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو معذور  پاران عبدالستار سانڌ، ممتاز پرهياڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرڪاري ادارن ۾ معذور ڪوٽا تحت ملازمتون نه ملڻ خلاف 39 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽  مسلسل 39 ڏينهن کان پر امن طور احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪو به نمائندن وٽن لـَڙي ناهي آيو.

هنن چيو ته جن چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ايوانن ۾ آندو، انهن نه احتجاج طرف ڪو ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي ايوانن ۾ جائز حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معذورن سان انصاف ڪري سرڪاري ادارن ۾ معذور ڪوٽا تحت اسان کي نوڪريون ڏيئي انصاف ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*