پي آءِ اي ملازمن جو 11هين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، جڏهن ته فلائيٽ آپريشن چوٿين ڏينهن به بند

pia-protest

پي آءِ اي ملازمن جو 11هين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، جڏهن ته  فلائيٽ آپريشن چوٿين ڏينهن به بند هئڻ سبب مختلف شهرن کان ايندڙ ويندڙ اڏامون  منزل طرف روانيون نه ٿي سگهيون آهن، نواز ليگ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار چيو آهي ته وفاقي وزيرن خلاف  داخل ايف آءِ آر واپس وٺڻ تائين پي آءِ اي ملازمن سان ڳالهيون نه ٿينديون.

پي آءِ اي  جي ملازمن جو اداري جي  نجڪاري واري فيصلي خلاف 11 هين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ فلائيٽ آپريشن چوٿين ڏينهن به بند آهي.

فلائيٽ آپريشن بند هئڻ سبب اسلام آباد کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ  48 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي، لاهور، گلگت، چترال، ملتان ۽ سکر ويندڙ اڏامون به معطل ڪيون ويون آهن.

پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن کان ٽوڪيو، ٽورنٽو، دبئي، دمام ۽  برمنگهم ويندڙ اڏامون به روانيون نه ٿي سگهيون آهن.

پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج سبب پشاور  کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ 6 اڏامون  ۽ لاهور کان ويندڙ 19 اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، جنهن سبب مسافر تمام گهڻو  پريشان آهن.

  پي آءِ اي ترجمان موجب مسافرن جي سهولت لاءِ ايئر بليو،  شاهين ايئر ۽ اتحاد ايئر ويز سان معاهدو ڪيو ويو آهي، ڪنفرم ٽڪٽس وارا مسافر ٽنهي ايئر لائينز تي سفر ڪري سگهن ٿا.

 سکر ۾ سنڌ پروگريسيو ڪميٽي پاران پي آءِ اي جي نجڪاري واري فيصلي ۽ ڪراچي ۾ ٻن ملازمن جي قتل خلاف، جيئي سنڌ محاذ ۽  ٻين  تنظيمن جي ڪارڪنن  طالب کوسو ۽  دلبر ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 نواز ليگ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي  چيو  ته وفاقي وزيرن خلاف  داخل ايف آءِ آر واپس وٺڻ تائين پي آءِ اي ملازمن سان ڳالهيون نه ٿينديون.

هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري نه پر اسٽرٽجڪ پارٽنر شپ چاهي ٿي  پر پي آءِ اي ملازم حڪومت تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ نجيب الرحمان چيو ته هو شهيدن جي خون جو سودو نه ڪندا ۽ ڳالهين کان اڳ  ايف آءِ آر واپس نه ورتي ويندي.

پي آءِ اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ چيو ته نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين گذريل ڏينهن هڪ نجي ٽي وي چينل تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن تحت ساڻس رابطو ڪيو ويو پر جيڪڏهن حڪومت ڳالهيون  نٿي ڪرڻ  چاهي ته کين به ڳالهين جو شوق نه آهي.

 يونين اڳواڻ چيو ته پي آءِ اي ملازم حڪومت جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندا ۽ نجڪاري وارو فيصلو واپس وٺڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*