باجوڙ ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي بارودي سان ڀريل ٽرڪ پڪڙي ورتي

bajor-agancy27-8

باجوڙ ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي بارودي سان ڀريل ٽرڪ پڪڙي ورتي آهي.

باجوڙ ايجنسي جي علائقي توره غنڊي ۾ ليويز پاران تخريبڪاري جو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ بارود سان ڀريل گاڏي پڪڙي وئي.

سڪيورٽي ذريعن موجب ٽرڪ مان بارود سان ڀريل 100 ٻوريون هٿ ڪري ورتون آهن، جيڪي دهشتگرد جي ڪارروائي ۾ استعمال ٿيڻ جو خدشو هو، جڏهن ته ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جو چوڻ آهي ته ٽرڪ دير مان باجوڙ وڃي رهي هئي، سڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي…………. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*