ڪراچي ۾ ستون ٽن ڏينهن وارو ڪراچي لٽريچر فيسٽيول شروع ٿي ويو

karachi-literature-fastival

ڪراچي ۾ ستون ٽن ڏينهن وارو ڪراچي  لٽريچر فيسٽيول شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي  اديبن سان گڏ شهرين جو وڏو انگ شريڪ آهي، ادبي فيسٽيول ۾ ڪانفرنس، ثقافتي رنگ، محفل موسيقي ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.

ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ منعقد ٿيل ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ڊائريڪٽر امينه سيد ڪيو آهي،  جڏهن ته اردو ڪانفرنس ۾ پرويز هود ڀائي، فهميدا رياض ۽ ٻين اديبن پنهنجا مقالا پيش ڪيا آهن.

ڪراچي لٽيريچر فيسٽيول ۾ ملڪي توڙي توڙي پرڏيهي اديبن سان گڏ ادب جو شوق رکندڙ شهرين جو وڏو انگ شريڪ آهي.

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ مشاعرو، ثقافتي رنگن ۽ محفل موسيقي سان گڏ ڪانفرنس، فوڊ ڪورٽس ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن، جڏهن ته فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*