پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد جي رينجرز هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز سان ملاقات

dG-meet-Pia

پي آءِ اي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد جي رينجرز هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز سان ملاقات، ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ڊي جي رينجرز خاطري ڪرائي آهي ته واقعي ۾ ڪو اهلڪار ملوث نڪتو ته ان کي ظاهر ڪيو ويندو، ميجر جنرل بلال اڪبر ملازمن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته هو تعزيت لاءِ پاڻ متاثر ڪٽنبن وٽ به ويندو

.وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پي آءِ اي جي بهتري چاهيون ٿا، پر غير قانوني ۽ بلاجواز هڙتالن آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين، ڪجهه سياسي عنصر اداري جي بهتري نه ٿا چاهين.

پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ احتجاج دوران ٽن ملازمن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف ملازمن جو ملڪگير احتجاج جاري، چوٿين ڏينهن به فلائيٽ آپريشن معطل، نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير چيو آهي ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ فون تي رابطو ڪري ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي پر حڪومت اڃا ڳالهين بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ مصروفيتن سبب اڄ ڪراچي وڃڻ جو ڪو به پروگرام نه آهي.

پي آءِ اي جون اڏامون بند ٿيڻ سبب وفاقي سرڪار پاران مسافرن لاءِ متبادل انتظام ڪرڻ وارا وعدا وفا نه ٿيا، ڪراچي ۾ اڏامون ملتوي ٿيڻ سبب رلي ويل مسافرن جو احتجاج.

……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*