سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني جي ڪراچي ۾ وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات، پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال بابت ڳالهيون

qaim-ali-shah

ڪراچي ۾ سنڌ جي  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ مذهبي معاملن واري  وفاقي وزير سردار يوسف ڌار ڌار ملاقات ڪري پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج،امن مان جي صورتحال ۽ مدرسن جي رجسٽريشن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

وزير اعلي ٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سان سينيٽ چيئرمين رضا رباني ملاقات ڪري پي آءِ اي ملازمن جي احتجاج  ۽  امن مان جي صورتحال  سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

مذهبي معاملن واري  وفاقي وزير سردار يوسف  به وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير کيس ٻڌايو ته صوبي ۾ چڙڏياريندڙ تقريرن جا ڪيس داخل ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي  گرفتارڪيو ويو.

وڏي وزير وفاقي وزير کي اهو به ٻڌايو ته

سنڌ ۾ سمورن فرقن ۾ مذهبي  آهنگي آهي  ۽  مدرسن جي رجسٽريشن وارو ڪم مڪمل ٿيڻ تي  آهي.

وفاقي وزير وڏي وزير کي  ٻڌايو ته مذهبي معاملن وارو کاتو  عالمي ڪانفرنس منعقد ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن مان عالم ۽ دانشور شرڪت ڪندا.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*