پشاور ۾ دهشتگردن جي اسڪول تي حملي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙن سميت 130 ڄڻا شهيد 122 ڄڻا زخمي

پشاور ۾ دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول کي قبرستان بڻائي ڇڏيو،  ايف سي جي وردي پهريل  دهشتگردن  فائرنگ ۽ ڌماڪا ڪري 100 گلن جهڙن ٻارڙن سميت 130 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڌماڪن جي نتيجي ۾ 122 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.

پشاور جي ورسڪ روڊ تي قائم آرمي پبلڪ اسڪو ۾ دهشتگردن شاگردن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ گلن جهڙن ٻارڙن سميت هڪ سئو 30 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 122 زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي اختيارين موجب ايف سي جي وردي پهريل 6 کان 7 دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني.

دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آندو،جنهن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ دهشتگردن وچ ۾فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ليڊي ريڊنگ ۽ سي ايم ايڇ اسپتالن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته دهشتگردن جي حملي ۾ ٻارڙن ۽ استادن سميت 130 ڄڻا شهيد ۽ 122 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائي دوران 6دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، اسڪول ۾ ريسڪو آپريشن جاري آهي ۽ دهشتگردن کي آخري بلاڪ تائين محدود ڪيو ويو آهي.

دهشتگردن جي حملي ۾ ٻارڙن سميت شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ سي ايم ايڇ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪجهه  زخمين جي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان اسڪول تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي، جڏهن ته اهڙي واقعي تي ڪي پي  ڪي سرڪار 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*