پشاور واقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ سنڌ حڪومت 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعي تي وزير اعظم ، پ پ، سنڌ حڪومت، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب سرڪار   3-3 ڏينهن  سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

وزير اعظم نواز شريف پشاور پهچڻ بعد 3ڏينهن ملڪگير  قومي سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پنهنجي زمين تان  دهشتگردي جو  هر صورت  جو خاتمو آڻينداسين.

پيپلرزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پشاور واقعي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي پ پ ڪارڪنن کي پشاور ۾ امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آصف زرداري چيو آهي ته سوڳ سبب 3ڏينهن تائين سياسي سرگرميون معطل  رهنديون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ به پشاور واقعي جي مذمت ڪندي3- 3ڏينهن سوڳ جو اعلان   ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*