لاهور جي احتساب عدالت، ڊِي اَيڇ اي لاهور سٽي اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار حماد ارشد جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري نيب جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

Hamad-Arshad-5-1-16

لاهور جي احتساب عدالت، ڊِي اَيڇ اي لاهور سٽي اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار حماد ارشد جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري نيب جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

ڊِي ايڇ اي سٽي لاهور اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار حماد ارشد کي جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب جي پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار حماد ارشد کان جاچ مڪمل ناهي ٿي سگهي، ان کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي.

نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي.

 جوابدار جي وڪيل جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدار کي جـُڊيشل رمانڊ تي موڪلي معاملي جو حل ڪڍيو وڃي.

عدالت،  وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب جي درخواست منظور ڪندي جوابدار حماد ارشد کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته ڊي ايڇ اي سٽي اسڪينڊل لاهور ۾ 2 رٽائرڊ فوجي آفيسر ۽ نجي ڪمپني جو سي اي او به گرفتار آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*