حڪومت پي آءِ اي کي دنيا جي بهتر ايئرلائين بڻائڻ چاهي ٿي، ڪراچي ۾ پـِي آءِ اي جي ملازمن جي احتجاج تي فائرنگ ۾ ملوث قاتلن کي بي نقاب ڪري سزا ڏياري ويندي,پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي

abid-sher-ali-6-1-16

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته حڪومت پي آءِ اي کي دنيا جي بهتر ايئرلائين بڻائڻ چاهي ٿي، ڪراچي ۾ پـِي آءِ اي جي ملازمن جي  احتجاج تي فائرنگ ۾ ملوث قاتلن کي بي نقاب ڪري سزا ڏياري ويندي.

فيصل آباد ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته پي آءِ اي جي احتجاج دوران ملازمن جون جانيون ضايع ٿيڻ تي کين ڏک آهي ۽ حڪومت متاثرن جي وارثن سان ڏکي وقت ۾ گڏ آهي.

هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي بهتري چاهي ٿي، اداري ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ملازمن کي 6 مهينن جو وقت ڏنو ويو هو پر ان باوجود احتجاج بلاز جواز آهي.

عابد شير علي چيو ته پي آءِ اي جي ملازمن جي احتجاج تي فائرنگ ڪندڙن کي بي نقاب ڪيو ويندو ۽ کين سزا ڏياري ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عابد شير علي چيو ته کيس عمران خان جي دماغي حالت تي ترس اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف کي خيبرپختونخواهه ۾ ن ليگ ئي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن تي عمران خان کي ٿورو مڃڻ گهرجي.

مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان رڳو کوکليون دعوائون ڪندو آهي، کيس صلاح ڏيان ٿو ته شهباز شريف کان ٽريننگ وٺي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*