ملتان ۾ فوت ٿي ويل ڌر ڳنڍيل ٻن ٻارڙين جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي

Multan-Namaz-e-Janza-6-1-16

ملتان ۾ فوت ٿي ويل ڌر ڳنڍيل ٻن ٻارڙين جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي آهي.

ملتان ۾ 23 ڏينهن کان زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهندڙ ڌر ڳنڍيل ٻارڙيون گذريل ڏينهن فوت ٿي ويون هيون، جنهن جي نماز بستي محمود ڪوٽ ۾ ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي.

14 جنوتي تي سونيا بي بي نالي عورت هڪ نجي اسپتال ۾ ٽن ٻارڙن کي جنم ڏنو هو، جن ۾ هڪ ٻارڙي نارمل ۽ 2 ٻارڙيون ڌڙ ڳنڍيل هيون.

ٻئي ٻارڙيون 23 ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهيون، ٽيسٽ ڪرائڻ بعد ڄاڻ ملي ته ٻنهي ٻارڙن جي دل، جگر ۽ آنڊا هڪ آهن، جنهن تي ميڊيڪل بورڊ ٻنهي جو آپريشن جي ذريعي علاج ناممڪن قرار ڏنو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*